حيدر هروي

حيدر هروي: هيءُ بزرگ مرزا شاهه حسن بيگ پاران سنڌ تي ڪاهي اچڻ واري زماني ۾ هرات کان اچي سيوستان جي ويجهو پاٽ شريف ۾ مقيم ٿيو. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ حضرت قلندر شهبازرح جو معتقد هو ۽ ان جي درگاهه تي راتين جون راتيون گذاريندو هو. همعصر کيس ’ڪليجه‘ چوندا هئا. اوائل ۾ جيرا پچائي پيٽ گذر ڪندو هو. شاعريءَ ۾ به ’ڪليجه‘ استعمال ڪيو اٿس. هيءُ علم جو ڄاڻو ۽ سٺو شاعر هو. هن پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو